درس للو

درس للو: هيءُ درويش ساڪري پرڳڻي جي رسول آباد شهر جي رهندڙ خليفي بايزيد جي اولاد مان هو. اڪثر ڪوهستاني ماڻهو پشت به پشت شيخ بايزيد جا مريد آهن. درس به مرشد جي اشاري تي ٺٽي ۾ آيو ۽ خواجن جي هڪ جماعت کي اسلام ۾ داخل ڪري، ڪجهه وقت انهن جي محلي (هاڻوڪي نو رسيه محلي) ۾ هڪ مسجد جي سامهون ’جملي پير واري‘ ميدان ۾ اچي رهيو. اها مسجد ٺٽي ۾ نهايت ئي جهوني مسجد طور مشهور هئي ۽ ان کي هاڻي حاجي محمد قائم نالي سان سڏيو وڃي ٿو. درس للو ۽ درس امين محمد انهي ميدان تي هڪ ٻئي سان صحبتون ڪندا هئا. تنهنڪري اهو ميدان عام خلق ۾ ’جملي پير‘ جي ميدان نالي سان مشهور آهي. انهيءَ کانپوءِ درس للو انهيءَ جاءِ کان مغلواڙي لڏي آيو ۽ اچي اتي رهيو، جتي هاڻي سندس اولاد رهي ٿو. هن جي وفات کانپوءِ سندس وڏو فرزند شيخ ابراهيم جاءِ نشين ٿيو. ان کانپوءِ ميان احمد بزرگن جي گاديءَ تي ويٺو.


لفظ درس للوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو